جارج ابراهَم گريئرسن

جارج ابراهَم گريئرسن

جارج ابراهَم گريئرسن

جارج ابراهَم گريئرسن (Sir, George Abraham Grierson ):سر ڊاڪٽر جارج ابراهم گريئرسن، 7 جنوري 1851ع تي ڊبلن جي علائقي گلينگيئري، آئرلينڊ (Glenageary, County Dublin, Ireland) ۾ نامياري ڊبلن ڪٽنب ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو به جارج (George) سڏبا هئا، جيڪي ناميارا پبلشر ۽ پرنٽر هئا. هن جو والد ڊبلن ۾ سرڪاري پريس هلائيندو هو. گريئرسن سينٽ بيز اسڪول ڪمبرلئنڊ (St. Bees School, Cumberland) ۽ ٽرنيٽي ڪاليج ڊبلن (Trinity College Dublin) مان تعليم حاصل ڪئي. ڊبلن يونيورسٽيءَ ۾ هن سنسڪرت ۽ هندستاني ٻولين ۾ انعام به حاصل ڪيا. جارج گريئرسن ’ڊبلن يونيورسٽيءَ‘ جو فارغ التحصيل ۽ اتي جي مشهور عالم فاضل استاد پروفيسر ائٽڪنسن (Prof. Atkinson) جو لائق ۽ پيارو شاگرد هو. گريئرسن 1871ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو ۽ بنگال پرڳڻي ۾ 1873ع ۾ پهتو. هي هڪ ئي وقت پٽنا ۾ مئجسٽريٽ ۽ ڪليڪٽر ٿيو ۽ بعد ۾ بهار ۾ ايجنٽ (Opium Agent) مقرر ٿيو. گريئرسن کي 1888ع ۾ نئين جوڙيل ’لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ جو سپرنٽيڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ ترت ئي انگلنڊ ۾ يورپين لائبرين ۽ عالمن سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ روانو ٿيو. گريئرسن مختلف ٻولين جي محاورن، بهار جي پورهيت زندگيءَ، هندي ادب، ڀڳتي تحريڪ ۽ لسانيات بابت پنهنجو عالمانه ڪم ڇپائيندو رهيو. گڏوگڏ هن ادويت، ويدانت (جنهن کي هو پنڊت ڌرم سڏيندو هو) ۽ لوڪ ادب بابت به ڪم ڪيو. گريئرسن جو ابتدا ۾ خيال هو ته ڀڳتيءَ، عيسائيت کان اثر ورتو آهي، پر آخر ۾ هن تسليم ڪيو ته ڀڳتي، عيسائيت کان قديم آهي. گريئرسن جو پويون سمورو ڪم لسانيات بابت هو. پهريون ڀيرو هن جا مقالا، جائزا ۽ ڪتاب 1877ع ۾ پڌرا ٿيا.

هن 1898ع ۾ پاڻ کي بينگال رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ (Bengal Royal Asiatic Society) سان منسلڪ ڪري، پورن ٽيهن ورهين (1928-1898) جي لاڳيتي محنت ۽ ڪوششن سان برصغير جي 364 ٻولين ۽ انهن جي شاخن (اپڀاشائن) جو پورن يارهن وڏن جلدن جي 19 ڀاڱن ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ۽ انهن مان ڪيترا جلد ته ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن ۽ انهيءَ سموري مواد جو نالو ’لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ Linguistic Survey of India (هندستان جي زبانن جو جائزو) رکيو ويو.

ڊاڪٽر موصوف، پنهنجي هن لاثاني ۽ لافاني تصنيف ۾، هندستان جي آرين جي ٻولين کان وٺي ڀيلن، سنٿالن، دراوڙن، هماليه جي قبائلين، سرحد جي پارسي زده ٻولين ۽ خانه بدوش قبيلن جي زبانن جو به تفصيل سان جائزو ورتو آهي. هن انهن جي بيان وقت ڪيترين ڏيهي ٻولين جي آکاڻين جا انگريزي ترجمي سان مثال به پيش ڪيا آهن. گريئرسن جو هيءُ سمورو گڏ ڪيل ۽ لکيل مواد سال 1908ع کان سال 1927ع تائين ڪلڪتي مان ڇپجي ظاهر ٿيو. انهيءَ ضخيم ۽ شاندار تصنيف جي اٺين جلد جي پهرئين ڀاڱي ۾ اسان جي سنڌي ۽ لهندا (الهندي پنجاب جون ٻوليون سرائيڪي، ملتاني وغيره) ٻولين جو احوال ڏنو ويو آهي، هي جلد 1919ع ۾ ڇپيو. گريئرسن، هن ڀاڱي ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ ۾ سنڌي زبان جي ويهارو کن رسم الخط جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ رومن، ديو ناگري، خدا آبادي، شڪارپوري، ساکرو، لهاڻڪو، ڀاٽيڪو، لاڙائي، ونگائي، راجائي، خواجڪو، ٺٽائي، حيدرآبادي، سيوهاڻي ۽ ڏاکڻو لهندا رسم الخط مکيه آهن. گريئرسن سنڌي زبان جي عمل دخل بابت سنڌ جي جاگرافيءَ جي حدن کي پاسيرو رکي، ان جي طبعي ۽ اثر رسوخ وارن حصن ۽ علائقن جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هن ڀاڱي جي آخر ۾ سر گريئرسن سن 11-1910ع واري آدمشماريءَ موجب سنڌي ٻوليءَ جي انهن ڳالهائيندڙن جا انگ اکر به ڏنا آهن، جيڪي ان وقت سنڌ کان ٻاهر ۽ هندستان جي جدا جدا علائقن ۽ رياستن جهڙوڪ: سي. پي (Central Provinces)، برار، بهار، ممبئي، مدراس، ميسور، حيدرآباد دکن، اوڙيسا، يو. پي (United Provinces)، ممبئي پرڳڻي جي جدا جدا راڄواڙن، رياستن ۽ بنگال جهڙن دور دراز ديسن ۾ رهندڙ هئا. جارج ابراهم گريئرسن جي ڇپيل ٻين اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

(1) Seven Grammers of the Dialects and Subdialects of the Bihari Language, 3

Volumes (1883-87),

(2) Bihar Peasant Life (1885)

(3) Pishaco Languages of North Western, India (1906)

(4) Ishkashmi, Zebaki and Yazghulami. An Account of Three Eranian Dialects (1920)

(5) Dictionary of Kashmiri Language (1916-1932)

(6) Linguistic Survey of India, II Volumes in 19 parts (2005)

(7) Modern Vernicular Literature of India.

(8) Translation of Jaisis Padmavati.

جارج گريئرسن جي ڪتاب ‘Linguistic Survey of India’ جي اٺين جلد جي پهرين ڀاڱي جو سنڌي ترجمو ’برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو‘ جي عنوان سان، ڊاڪٽر فهميده حسين ڪيو آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اُن جو پهريون ڇاپو، 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو، ڇپائيءَ هيٺ آهي.

گريئرسن کي 1912ع ۾ ’نائيٽ‘ (Knight) جو خطاب ڏنو ويو. کيس 1928ع ۾ ’آرڊر آف ميرٽ‘ (OM) لاءِ نامزد ڪيو ويو. هن کي (King Commander of the Order of the Indian Empire) KCIE جو لقب به مليو.

هن 9 مارچ 1941ع ۾ ڪمبرلي، سري، انگلنڊ ۾ وفات ڪئي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

07.01.1851  عيسوي

جارج ابراهَم گريئرسن ( Sir, George Abraham Grierson ) : سر ڊاڪٽر جارج ابراهم گريئرسن ، 7 جنوري 1851ع تي ڊبلن جي علائقي گلينگيئري ، آئرلينڊ ( Glenageary, County Dublin, Ireland ) ۾ نامياري ڊبلن ڪٽنب ۾ ڄائو .


09.03.1941  عيسوي

هن 9 مارچ 1941ع ۾ ڪمبرلي ، سري ، انگلنڊ ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سورٺ ٿيٻو
سعيد خان چغته
ڄام راول
حاجي عبدالستار
شيرين مزاري
عـاقـب جـاويـد
ساڌنا ڀڳت
قاضي عبدالقيوم
مظهر ابڙو
شاهل محمد ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون